پروفيسر محمد عمر مڱريو

پروفيسر محمد عمر مڱريو

محمد عمر مڱريو پروفيسر

محمد عمر مڱريو، پروفيسر: تعليمدان ۽ ليکڪ محمد عمر ولد محمد سومار مڱريو 15 آگسٽ 1942ع تي ولھيٽ، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي ۽ پرائمري اسڪول حبيب الله ساند مان حاصل ڪئي. ديني ۽ فارسي تعليم مدرسي مظھرالعلوم ولھيٽ مان حاصل ڪئي. 1960ع ۾ عمر ڪوٽ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪاري موري مان، انٽر (1962ع)، بي.ايس.سي (1964ع) ۽ ايم. ايس. سي (1966ع) ۾ ڪئي. 1967ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ پھرين ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پوءِ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو.1980ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، المنائي ايسوسيئيشن بھترين استاد طور شيلڊ ڏني وئي. 1990ع ۾ ڊگري ڪاليج، عمرڪوٽ جو پرنسپال مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ٻيھر ڪاري موري ڪاليج بدلي ٿيو، جتان 2002ع ۾، 20ھين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو. ھن کي ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ترڻ ۾ دلچسپي رهي. 1995ع ۾ حيدرآباد بورڊ پاران اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڪيترائي ڀيرا ھيڊ ايڪسٽرنل بھ رھيو. ان کانسواءِ نيشنل ڪريڪيولم ڪميٽي اسلام آباد لاءِ سنڌ طرفان 1972ع کان 2003ع تائين ميمبر رھيو. مطالعي جي شوق سبب ھن پنھنجي گهر ، حيدرآباد ۾ ”حضرت غوث بھاءُالدين ذڪريا“ لائبرري قائم ڪئي، جنھن ۾ 15000 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ۽ قلمي نسخا موجود آھن. ان کان سواءِ لائبرري ۾ ميوزيم ڪارنر بھ قائم ٿيل آھي، جنھن ۾ يادگار ثقافتي شيون محفوظ ڪيل آھن. سندس ڇپيل ادبي ۽ نصابي ڪتابن ۾: (1) عوارف المعارف (ترجمو)، (2) موتي داڻا، (3) مختصر سوانح حيات حضرت غوث بھاءُالدين ذڪريا، (4) مختصر سوانح حيات حضرت غوث بھاءُالدين ذڪريا (اردو)، (5) مختصر سوانح حيات شيخ الاسلام ابوالفتح حضرت رڪن الدين والعالم، (6) مختصر سوانح حيات شيخ الاسلام حضرت صدرالدين عارف بالله والعالم، (7) مختصر سوانح حيات حضرت مخدوم المخاديم محمد سجاد حسين قريشي ۽ ٻيا انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ نصاب جا ڪجهه ڪتاب شامل آهن. کيس تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض مليل اوارڊن ۾؛ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري پاران اسپورٽس اوارڊ (1991ع)، پرائز ڊسٽريبيوٽيشن اوارڊ (1997ع)، ماڻڪ موتي تنظيم اوارڊ (1998ع)، گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري جي 100 سالا جشن تي مڃتا اوارڊ (2001ع)، المنائي ائسوسيئيشن پاران ايڪسليڪيلنس اوارڊ (2001ع ۽ 2003ع)، ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ پاران مڃتا اوارڊ (2002ع)، آڪسفورڊ اسلامڪ سائنٽفڪ اسڪول پاران مڃتا اوارڊ (2005ع)، سمراه پرائڊ آف پرفارمنس اوارڊ (2009ع)، تعليم کاتي پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2012ع)، فنڊامينٽل رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران ٽيلينٽ اوارڊ (2020ع)، ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پاران گولڊن جوبلي اوارڊ (2021ع ۽ 2023ع)، ٿر ايجوڪيشن فورم پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2022ع)، عمرڪوٽ جو آواز پاران ادبي ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2023ع) ۽ آل سنڌ مڱريا ائسوسيئيشن ويلفيئر پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2023ع) شامل آھن. هن وقت حيدرآباد ۾ سپريئر ڪاليج جي نالي سان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار ڪاليج هلائڻ سان گڏ، هڪ سماجي ڪارڪن طور ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۾ سرگرم آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.08.15  عيسوي

تعليمدان ۽ ليکڪ محمد عمر ولد محمد سومار مڱريو 15 آگسٽ 1942ع تي ولھيٽ، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو اگھام
ع ق شيخ
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ڀنڀو شاهه بادشاهه
امداد حيدر سولنگي
آصف پھوڙ گامون
حُرمت شيدڻ
جاويد قاضي
ايڇ ٽي لئمبرڪ
جمن شاهه شهيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون